پل ناما

پل ناما (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف خانبهادر خداداد خان بکري آهي. هن ڪتاب ۾ لئنسڊائون پل سکر جي افتتاح جو احوال لکيل آهي. ڪتاب ننڍي سائيز ۾ 64 صفحن تي مشتمل آهي ۽ 1307هه/ 1890ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيو. انهيءَ مختصر ڪتاب ۾ مصنف ڪوئيٽا جي سفر جو احوال به ڏنو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو